عاصمه جهانگير، اقبال حيدر ۽ ٻين چيو ته خاموشي سان رزائن ڪري ڇڏ، نسرين شڪيل پٺاڻ

وڪي اخبار کان

نسرين شڪيل پٺاڻ جيڪا ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ جي نجي جيلن ۽ ٻين مسئلن تي سرگرم ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، چيو آهي ته کيس عاصمه جهانگير، اقبال حيدر، آءِ اي رحمان ۽ زهره يوسف زور ڀريو ته هوءَ خاموشيءَ سان رزائن ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته نسرين شڪيل پٺاڻ سنڌ سان تعلق رکي ٿي ۽ سنڌ ۾ انساني حقن لاءِ جدوجهد جي باني رهي آهي. هن نجي جيلن، جاگيرداري توڙي ٻين مسئلن تي هميشه سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي.

نسرين شڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته سندس زور ڀرڻ جي باوجود کيس معطل ڪرڻ جو سبب نه ٻڌايو ويو آهي. نسرين کي سندس مڙس شڪيل پٺاڻ جي وفات کان پوءِ ڪوآرڊينيٽر طور رکيو ويو هو.

ذريعا