عراقي صوبي انبار ۾ قبائلين 55 القائده جي ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو، تصديق نه ٿي سگهي

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

عراقي صوبي انبار ۾ قبائلين دعوا ڪئي آهي ته انهن 55 القائده جي ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو آهي جڏهن ته سرڪاري ذريعن طرفان ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

قبيلي جي هيڊ جو چوڻ هو ته انهن اولهندي صوبي انبار ۾ 55 القائده ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو آهي. جڏهن ته 25 القائده ويڙهاڪن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. ان جهڙپ ۾ 9 قبائلي پڻ مارجي ويا آهن.

هن دعوا ڪئي ته مارجي ويل القائده ويڙهاڪن ۾ 10 ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو پڻ شامل هئا.

ٻئي طرف بغداد مان اطلاع آهن ته هڪ ڪار بم ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهو واقعو بغداد کان ڏکڻ طرف هڪ ڳوٺ حسوا جي مارڪيٽ ۾ ٿيو.

ذريعا