عراقي عدالت صدام حسين لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

بغداد جي هڪ عدالت اڳوڻي عراقي صدر صدام حسين کي دجيل ۾ 148 ماڻهو مارائڻ جي الزام تحت کيس موت جي سزا ٻڌائي آهي.

صدام جي ڀاءَ برزان تڪريتي ۽ هڪ ٻئي جوابدار سابق جج ايواد حامد کي پڻ موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ويو آهي.

ساڳي عدالت هڪ جوابدار محمد آزاوي علي کي اڻ پورين شهادتن جو فائدو ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عراقي وزير اعظم عدالتي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته اها سزا هڪ شخص نه پر ان سموري اونداهي دور خلاف آهي.

ذريعا