عراق جي بصرا واري علائقي ۾ هڪ برٽش فوجي مارجي ويو

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

عراق جي شهر بصرا ۾ حملي جي نتيجي ۾ هڪ برٽش فوجي مارجي ويو آهي. عراق ۾ موجود برٽش فوجين جو ڪل تعداد 7200 ٻڌايو ويو آهي.

ذريعن مطابق عراق ۾ مارجي ويل برٽش فوجين جو تعداد تازي واقعي کان پوءِ هاڻ 121 ٿي ويو آهي. برٽش سرڪاري ذريعن چيو آهي ته اسان جا بهادر فوجي عراقي عوام جي بهتر مستقبل لاءِ وڙهي رهيا آهن ۽ اهي هر خطري کي عراق جي بهتريءَ لاءِ منهن ڏئي رهيا آهن.

ذريعا