عراق جي شهر بغداد ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن سبب 54 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

12 ڊسمبر 2006

عراق جي شهر بغداد ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 54 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ذريعن مطابق اهي ٻئي ڌماڪا هڪ ئي وقت ٿيا. ڌماڪن کان پوءِ فائرنگ جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو پر اها ڳالهه واضع نه آهي ته فائرنگ ڪنهن ڪئي.

پوليس ذريعن مطابق هڪ گاڏي کي خودڪش حمله آور پاڻ هلائي رهيو هو جڏهن ته ٻي گاڏي شهر جي مصروف علائقي ۾ بيهاري وئي هئي. ڌماڪن سبب ڏهه گاڏيون پڻ تباه ٿي ويون.

ذريعا