عراق جي هڪ ڳوٺ ۾ 21 مردن کي گهران ٻاهر ڪڍي موت جي ننڊ سمهاريو ويو، ڪيترائي ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

عراق ۾ پوليس چيو آهي ته بغداد کان ستر ڪلوميٽر پري هڪ ڳوٺ ۾ هٿياربندن ٻن شيعه خاندانن جي 21 مردن کي گهرن مان ڪڍي گوليون هڻي ماري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته بغداد جي ويجهو هڪ ڪاروائي ۾ 22 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي اهڙي طرح هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ بم جوڙڻ واري هڪ فيڪٽري تي ڇاپي دوران پڻ 10 ويڙهاڪ مارجي ويا. آمريڪي فوج مطابق فائرنگ جي ڏي وٺ سبب اتي هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ هڪ گرڀ وتي عورت زخمي ٿي پئي.

ترجمان مطابق هڪ اسلحه فيڪٽري مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ آيا آهن جن ۾ گرنيڊ، مشين گن، پائپ بم ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ شامل آهن. اسلحي جي فيڪٽري کي بمباري ڪري تباه ڪيو ويو آهي.

ذريعا