عراق ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ، 15 ڄڻا مارجي ويا

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

عراق ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته لڳ ڀڳ 25 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اهو واقعو بغداد کان 35 ميل اتراوڀر طرف باقوبا شهر ۾ ٿيو.

حملو پوليس کي کڻي ويندڙ بسن جي قافلي تي ٿيو. چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي پوليس جي ماڻهن کي اغوا پڻ ڪيو ويو آهي.

ذريعا