عراق ۾ بغداد جي مختلف علائقن مان 76 لاش لڌا ويا، لاشن جي اکين تي پٽيون ٻڌيل هيون

وڪي اخبار کان

21 ڊسمبر 2006

عراقي پوليس جي ذريعن مطابق بغداد شهر جي مختلف علائقن مان 76 لاش لڌا ويا آهن جن کي گوليون هڻي ماريو ويو. انهن مان اڪثر لاشن جي اکين تي پٽيون ٻڌل هيون.

ميڊيا جي ذريعن مطابق بغداد ۾ روزانه سو کان وڌيڪ ماڻهو مارجي رهيا آهن ۽ تشدد ۾ ڪا به گهٽتائي نه پئي ٿئي.

ٻئي طرف آمريڪا جي صدر جارج بش پهريون ڀيرو اعتراف ڪيو آهي ته کين عراق ۾ اڃا تائين ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

ذريعا