عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ صحافي سميت 7 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ هڪ صحافي سميت 7 ماڻهو مارجي ويا آهن. پوليس ذريعن مطابق سرڪاري عمارت ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ سيڪيورٽي فورس جا 7 اهلڪار مارجي ويا.

چيو ويو آهي ته بم پلاسٽڪ جي هڪ ٿيلي ۾ لڪايو ويو هو ۽ اهو ان وقت ڦاٽو جڏهن اهي پگهارون وٺي رهيا هئا. بغداد جي اتر ۾ هڪ صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ياد رهي ته عراق ۾ هن وقت تائين 92 صحافين کي قتل ڪيو ويو آهي.

ذريعا