عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 15 عراقي مارجي ويا، چار آمريڪي فوجي پڻ آپريش دوران اجل جو شڪار

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 15 عراقي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف 4 آمريڪي فوجي پڻ هڪ آپريشن دوران مارجي ويا آهن.

ذريعن موجب بغداد جي ڏکڻ طرف ٻهراڙي جي هڪ علائقي ۾ آپريشن دوران هوائي فوج جي مدد سان 9 ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي. فوجي ذريعن مطابق مارجي ويلن مان ڪجهه ويڙهاڪن کي خودڪش حملن لاءِ جسم سان بم ٻڌل هئا.

فوجي ذريعن 9 ويڙهاڪن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي. تازو مارجي ويل 4 آمريڪي فوجين سميت هن مهيني مارجي ويل فوجين جو تعداد 44 ٿي ويو آهي.

ذريعا