عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 48 عراقي مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

20 نومبر 2006

عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 48 عراقي مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. چيو ويو آهي ته مهيني جي پهرين ويهن ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو 2005ع کان پوءِ اهو وڏو تعداد آهي.

نومبر مهيني جي پهرين ويهن ڏينهن ۾ فوتين جو انگ 1300 ٿي ويو آهي. جيڪو 2005ع کان پوءِ هن وقت تائين جو وڏو تعداد آهي.

چيو ويو آهي ته گذريل آڪٽوبر مهيني ۾ مارجي ويل ماڻهن جو تعداد 1216 هو جڏهن ته نومبر جي پهرين ويهن ڏينهن ۾ ئي اهو تعداد ان کان وڌي ويو آهي.

ذريعا