عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 53 ماڻهو مارجي ويا، هڪ عراقي وزير پڻ اغوا ٿي ويو

وڪي اخبار کان

19 نومبر 2006

عراق ۾ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 53 ڄڻا مارجي ويا آهن. ٻئي طرف عراق جو ڊپٽي صحت وزير نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿي ويو آهي.

ڏکڻ بغداد ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 22 پورهيت فوت ٿي ويا آهن جيڪي اتي روزگار جي حاصلات لاءِ گڏ ٿيل هئا.

اهڙي طرح عراق جي مختلف علائقن مان مليل اطلاعن موجب بغداد واري واقعي جي فوتين سميت تشدد جي مختلف واقعن ۾ 53 ماڻهو مارجي ويا آهن.

ذريعا