عراق ۾ تشدد جي وڌيڪ لهر، 15 عراقي ۽ 5 آمريڪي فوجي مارجي ويا

وڪي اخبار کان

عراق جي شهر ڪرڪوڪ ۾ سلسليوار بم ڌماڪن ۾ 8 ماڻهو مارجي ويا آهن. بظاهر انهن بمن جو نشانو پوليس هئي جڏهن ته هڪ ڌماڪو استادن جي هڪ تربيتي مرڪز وٽ ٿيو.

ڇنڇر ڏينهن بغداد ۽ فلوجا ۾ 5 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا. ان کان اڳ داخلي وزارت جي هڪ قافلي مٿان پڻ بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا هئا.

ذريعن مطابق مارجي ويلن جي تعداد جي باري ۾ ڪي به تصديق ٿيل اطلاع نه آهن. بي بي سي مطابق هن مهيني دوران مارجي ويل فوجين جو تعداد لڳ ڀڳ پنجاهه ٿي ويو آهي. انهن واقعن کان پوءِ محسوس ڪيو پيو وڃي ته تشدد جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي.

ذريعا