عراق ۾ تعليمي کاتي جا اغوا ٿيل ملازم آزاد ٿي ويا، ترت انتظامي ڪاروائي سبب اهو ممڪن ٿيو

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

عراق ۾ تعليمي کاتي جا اغوا ٿيل ملازم آزاد ٿي ويا آهن پهريان چيو ويو هو ته سو کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيا آهن پر هاڻ ٻڌايو ويو آهي ته چاليهه ماڻهو اغوا ٿيا هئا.

وزارت داخله جي ترجمان مطابق پوليس طرفان فوري ڪاروائي سبب ماڻهن جي واپسي ممڪن ٿي آهي. ياد رهي ته وردي پهريل نامعلوم ماڻهن تعليم کاتي جي انهن ملازمن کي اغوا ڪيو هو.

ذريعن مطابق عام خيال اهو آهي ته انهيءَ واردات پٺيان شيعه سيڪيورٽي فورسز جا ماڻهو شامل هئا. جڏهن ته مغوين جي باري ۾ چيو ويو آهي ته انهن ۾ شيعه ۽ سني ٻئي شامل هئا.

ذريعا