عراق ۾ جهڙپن دوران ٻه فوجي مارجي ويا، ٻئي طرف اجتمائي قبر مان 28 ماڻهن جا لاش هٿ آيا

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

عراق ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٻه آمريڪي فوجي مارجي ويا جڏهن ته باقوبا مان هڪ اجتمائي قبر مان 28 ماڻهن جا لاش لڌا ويا آهن.

ذريعن موجب بغداد جي علائقي ۾ فوجي آپريشن دوران هڪ آمريڪي فوجي مارجي ويو. فوجي ذريعن مطابق ان کان اڳ انبار صوبي ۾ پڻ هڪ آمريڪي فوجي مارجي ويو هو. هن مهيني مارجي ويل آمريڪي فوجين جو تعداد 29 ٿي ويو آهي.

ٻئي طرف آمريڪي ۽ عراقي فوجين باقوبا مان اڻ ڄاتل ماڻهن جي اجتمائي قبر پڻ لڌي جنهن ۾ 28 لاش پوريل هئا. اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته انهن ماڻهن کي ڪڏهن ماريو ويو.

ذريعا