عراق ۾ حملن ۽ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 55 ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

عراق ۾ بم ڌماڪن، حملن ۽ تشدد جي مختلف واقعن ۾ 55 ماڻهو مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا.

بغداد ۾ آمريڪي فوجين ڇهن عراقين کي ماري ڇڏيو آهي. انهن جي باري ۾ تصديق ٿيل اطلاع نه آهن ته انهن کي ڪهڙي سبب ڪري ماريو ويو. ٻئي طرف تعليمي کاتي جي 150 ملازمن کي نامعلوم ماڻهو اغوا ڪري ويا آهن.

ذريعا