عراق ۾ خودڪش ڪار بم حملن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ڇهه آمريڪي فوجي پڻ آپريشن دوران اجل جو شڪار

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ ٻن خودڪش ڪار بم حملن ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 55 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ذريعن مطابق انهن مان هڪ خودڪش حملو بغداد جي صدر سٽي واري علائقي ۾ ٿيو جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 23 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ٻيو ڪار بم ڌماڪو سينٽرل بغداد ۾ ٿيو جنهن ۾ 11 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ٻئي طرف مليل اطلاعن موجب عراق جي انبار صوبي ۾ فوجي آپريشن دوران آمريڪا جا ڇهه فوجي پڻ مارجي ويا آهن. انهن فوجين ۾ ميرين جا فوجي پڻ شامل هئا.

ذريعا