عراق ۾ فوجي يونيفارم پهريل ماڻهن هٿان سو کان مٿي ملازم اغوا ٿي ويا

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

عراق ۾ فوجي وردي پهريل ماڻهن سو کان مٿي تحقيقي اداري جي ماڻهن کي اغوا ڪري ورتو آهي. گاڏين ۾ سوار وردي پوش اهي همراه آفيس ۾ گهڙي آيا ۽ مرد ملازمن کي قطار ۾ بيهاري اغوا ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اغوا پٺيان شيعه ويڙهاڪن جا هٿ آهن جيڪي سيڪيورٽي فورس ۾ پڻ شامل آهن. چيو ويو آهي ته تحقيقاتي ۽ تعليمي ادارن جا ماڻهو انهن ويڙهاڪن جي نشانن تي آهن.

ذريعا