عراق ۾ لاڳيتا ٽي ڪار بم ڌماڪا، 50 ماڻهو مارجي ويا 80 کان وڌيڪ زخمي

وڪي اخبار کان

3 ڊسمبر 2006

عراق پوليس جي ذريعن مطابق عراق ۾ لاڳيتن ٽن ڪار بم ڌماڪن سبب 50 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 80 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

بغداد جي مصروف بازار ۾ ٽي ڪار بم ڌماڪا ٿيا اهي ڌماڪا شيعه اڪثريتي علائقي ۾ ٿيا جيڪي 100 ميٽرن جي مفاصلي تي نصب ٿيل هئا ۽ هڪ ئي وقت ڦاٽي پيا. ڌماڪن وقت اتي عورتن جي اڪثريت موجود هئي.

اهي ڌماڪا ان وقت ٿيا آهن جڏهن باقوبا مان آمريڪي ۽ عراقي فوج جي گڏيل آپريشن ذريعي 30 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

ذريعا