عراق ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو فوت، واقعو اُتر بغداد ۾ پيش آيو

وڪي اخبار کان

عراق جي شهر بغداد جي اُتر ۾ ٻن ڪار بم ڌماڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ماڻهو مارجي ويا آهن. چيو ويو آهي ته ان حملي جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

پهريون ڌماڪو مقامي وقت مطابق 5.10 منٽن تي ٿيو، جڏهن ماڻو روزو کولي رهيا هئا. جڏهن ته ٻيو ڌماڪو پوليس کي نشانو بڻائي ڪيو ويو جنهن ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.

ذريعا