عراق ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا، هن وقت تائين 2842 آمريڪي فوجي مارجي چڪا
ڏيک
10 نومبر 2006
عراقي فوجي ذريعن مطابق عراق ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن. مارجي ويل فوجين سميت هن وقت تائين مارجي ويل فوجين جو تعداد 2842 ٿي ويو آهي.
انهن مان ٻه آمريڪي فوجي بغداد ۾ مارجي ويا جڏهن هنن جي گاڌيءَ ڀرسان بم ڌماڪو ٿيو، ان واقعي ۾ هڪ آمريڪي فوجي پڻ زخمي ٿيو.
جڏهن ته ٻئي واقعي ۾ هڪ آمريڪي ميرين پڻ مارجي ويو آهي. اهو واقعو عراق جي انبار صوبي ۾ ٿيو. اولهه واري ان علائقي ۾ سني ويڙهاڪ ڪاروائيون ڪري رهيا آهن.