عراق ۾ پنج آمريڪي فوجي مارجي ويا، مارجي ويل آمريڪي فوجن جو تعداد 2822 ٿي ويو

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

عراق جي شهر بغداد ۾ روڊ ڀرسان نصب بم ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ ٽي آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن، جڏهن ته ٻن مختلف واقعن ۾ پڻ ٻه ٻيا آمريڪي فوجي مارجي ويا آهن.

آمريڪي فوجي ذريعن مطابق ساڳي ڏينهن هڪ آمريڪي ميرين فوجي زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو. جڏهن ته اتر عراق مان پڻ هڪ آمرڪي فوجي جي مارجڻ جا اطلاع آهن.

اهڙي طرح 2003ع کان عراق ۾ مارجي ويل آمريڪي فوجن جو ڪل تعداد 2822 ٿي ويو آهي.

ذريعا