عراق ۾ پوليس اسٽيشن تي حملو، 12 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

عراق ۾ پوليس اسٽيشن تي ٿيل هڪ حملي جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا آهن، حملو موصل ۾ هڪ پيٽرول ٽينڪر تي سوار خودڪش حمله آور ڪيو.

پيٽرول ٽينڪر جڏهن زوري ٿاڻي اندر ڌوڪيندو آيو ته پوليس فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ ٽينڪر ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿي پيا.

مارجي ويلن ۾ اڪثريت عام شهرين جي هئي جيڪي ڀرسان موجود پيٽرول پمپ تان گاڏين ۾ تيل ڀرائڻ جي انتظار ۾ هئا.

ذريعا