عراق ۾ ڪار بم ڌماڪو، عورتن سميت 31 ڄڻا مارجي ويا

وڪي اخبار کان

عراق جي شهر بغداد ۾ هڪ ڪار بم ڌماڪو، ڌماڪي سبب گهٽ ۾ گهٽ 31 ماڻهو مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ عورتون به شامل آهن. بم ڌماڪو شيه اڪثريتي علائقي ۾ ٿيو. ڌماڪي ۾ لڳ ڀڳ ويهه ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا.

ڪنهن به گروپ ان بم ڌماڪي جي ذميواري نه قبولي آهي. زخمين کي الصدر اسپتال پهچايو ويو آهي. اقوام متحده عراق ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

ذريعا