عورت تحفظ بل بابت ڪوبه وعدو نه ڪيو هو، حافظ حسين احمد خواب ڏٺو هوندو، چوڌري شجاعت
ڏيک
6 نومبر 2006
پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته ايم ايم اي يا حافظ حسين احمد سان ڪوبه وعدو نه ڪيو هو. حافظ حسين احمد شايد ڪو خواب ڏٺو آهي.
چوڌري شجاعت اها ڳالهه حافظ حسين احمد جي بيان جي ردعمل ۾ ڪئي جنهن ۾ دعوا ڪئي وئي هئي ته چوڌري شجاعت عورت تحفظ بل بابت ساڻس وعدو ڪيو هو. چوڌري شجاعت اهڙي ڪنهن به وعدي کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.