عورت تحفظ بل جي منظوري کان پوءِ بي حيائي وڌندي، ايم ايم اي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

ايم ايم اي جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عورت تحفظ بل جي منظوري بعد هاڻ ملڪ ۾ بي حيائي وڌندي، اهو ڏينهن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي ايم ايم اي اهڙي بل جي ڪڏهن به حمايت نه ڪندي.

مولانا چيو ته ايم ايم اي جو اجلاس گهرايو ويو آهي جنهن ۾ اسيمبلي تان استعيفائن جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي. هن جو چوڻ هو ته مذڪوره بل غير اسلامي آهي هاڻ مخالف ڌر عوام سان رجوع ڪندي.

ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته بل جي منظوري سان ملڪ جي اڌ آبادي يعني عورتن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ٻه اکيائي وارا رويا ختم ٿي ويندا. هن بل ۾ قرآن سان شادي جهڙين گندين رسمن جو خاتمو ڪيو ويو آهي.

ذريعا