عورت تحفظ بل جي پاس ٿيڻ سان پاڪستان ۾ عورتن سان امتياز ختم ٿي ويندو، آمريڪا

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

آمريڪا عورت تحفظ بل پاس ٿيڻ جو خيرمقدم ڪندي چيو آهي ته ان بل جي پاس ٿيڻ سان پاڪستان ۾ عورت سان ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ختم ٿي ويندو.

آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته بل جي منظوري مان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان جي سرڪار اعتدال پسند آهي. ان بل کي اڳڀرو قدم قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ان سان عورت جي حوالي سان قانون ۾ موجود خاميون دور ٿيڻ ۾ مدد ملندي.

ذريعن مطابق ان بل جي منظوري سان اهو نه آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي پر ايترو ضرور ٿيندو ته ان بل ذريعي عورتن کي پنهنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

ذريعا