عورت تحفظ بل سينيٽ مان به اڪثريت راءِ سان منظور، مذهبي جماعتن جو ترميمون حڪومت طرفان رد

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

قومي اسيمبلي مان حدود آرڊينينس جو ترميمي عورت تحفظ بل اڪثريت راءِ سان منظوري بعد هاڻ سينيٽ مان به منظور ٿي ويو آهي. پ پ پ بل جي حمايت ڪئي جڏهن ته مذهبي جماعتن ۽ نواز ليگ طرفان پيش ڪيل ترميمن کي حڪومت رد ڪري ڇڏيو.

ذريعن مطابق بل جي منظوري وقت مخالف جماعتن جي ميمبرن نعري بازي پڻ ڪئي. ياد رهي ته حدود آرڊينينس بل صدر ضياءُالحق جي دور ۾ لاڳو ٿيو هو.

عورت تحفظ بل ۾ اڃا تائين چار گواهن وارو شرط برقرار آهي پر تبديلي اها ڪئي وئي آهي ته شڪايتن تحت عدالت چار گواهن کان سواءِ به ڪاروائي ڪري سگهي ٿي. نئين قانون موجب سورنهن سالن جي عمر کان گهٽ واري ڇوڪري سان رضامندي واري جنسي عمل کي پڻ زنا قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ سورنهن سالن کان گهٽ عمر ۾ ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون وينديون آهن تنهنڪري ان نئين قانون ۾ ان ڳالهه جي باري ۾ ڪابه وضاحت ٿيل نه آهي.

ذريعا