عورت تحفظ بل ۾ علما ڪاميٽي جون ترميمون شامل، ترميم ڪئي وئي ته مخالفت ڪنداسين، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم

وڪي اخبار کان

14 نومبر 2006

قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندڙ عورتن جي حقن بابت بل ۾ مذهبي پارٽين طرفان مسلسل استعفائن جي ڌمڪين بعد ان بل ۾ حڪومت ڪجهه ترميمون ڪري ڇڏيون آهن.

وفاقي وزير قانون وصي ظفر علما ڪاميٽي جي سفارشن تي بل ۾ ترميمون ڪرڻ بعد مسودو سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايو آهي. حڪومت اهو بل اربع تي اسيمبلي ۾ پيش ڪندي ۽ جمع ڏينهن منظور ڪرائيندي.

ذريعن مطابق انهن ترميمن ۾ شهوت پرستي نالي شامل نئين شق پڻ شامل آهي جنهن موجب غيرشادي شده جوڙي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي جنسي عمل ڪيو ته انهن کي پنج سالن تائين سزا ۽ ڏهه هزار تائين ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي. اهڙو ڪوڙو الزام هڻندڙ لاءِ پڻ ساڳي سزا هوندي.

ياد رهي ته پيپلز پارٽي ۽ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ايم ڪيو ايم پهريان ئي اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن علما ڪاميٽي جون ترميمون بل ۾ شامل ڪيون ويون ته اهي مخالفت ڪندا.

ذريعا