عورت جي ڀيٽ ”غير محفوظ گوشت“ سان ڪندڙ آسٽريلوي امام ٽن مهينن لاءِ معطل

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

آسٽريليا هڪ مسلمان امام کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. معطلي جو سبب هن جو اهو خطاب آهي جنهن ۾ هن پردي جي حوالي سان ڳالهائيندي عورتن جي ڀيٽ ”غير محفوظ گوشت“ سان ڪئي هئي.

مذڪوره عالم شيخ تاج الدين پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته بي پرده عورت جنسي زيادتي ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ ذميوار آهي. ان ڳالهه جي وضاحت ڪندي هن چيو هو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو گوشت کي غير محفوظ رکي ڇڏيندو ۽ ٻلي اهو گوشت کائي ويندي ته ٻلي ذميوار نه هوندي بلڪه گوشت محفوظ نه ڪرڻ وارو هوندو.

ذريعا