عيد ڏهاڙي بلوچستان ۾ احتجاج طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني فوج هٿان نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ بلوچستان جي بلوچن پنهنجي پهرين عيد احتجاج طور ڪارو ڏينهن ڪري ملهائي.

عيد کي ڪارو ڏينهن ڪري ملهائڻ جي اپيل بلوچستان نيشنل پارٽي طرفان ڪئي وئي هئي. عيد ڏهاڙي نوشڪي ۽ ٻين علائقن ۾ عيد نماز بعد نواب جي روح کي ثواب لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ ماڻهن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون ۽ ڪارا جهنڊا چاڙهيا.

عيد تي صبح جو نامعلوم ماڻهن ٻه راڪيٽ فائر ڪيا جن مان هڪ عيدگاهه ڀرسان جڏهن ته ٻيو فوجي ڇانوڻي ڀرسان ڪريو. بهرحال انهن مان ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع نه مليو آهي.

ذريعا