فرانسيسي اختيارين 72 مسلمانن کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي معطل ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

فرانسيسي اختيارين ايئرپورٽ تي ڪم ڪندڙ 72 مسلمانن کي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي معطل ڪري ڇڏيو آهي. چيو ويو آهي ته ڪيترائي ٻيا مسلمان ورڪر اڃا تائين ڪم ڪري رهيا آهن. جن مان ڪيترائي جهازن جي صفائي وغيره جي ڪمن ۾ مشغول آهن.

فرانس جي ماهرن سرڪار کي چيو آهي ته جن به ماڻهن تي سيڪيورٽي جي حوالي سان شڪ آهي انهن کي معطل ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. ڪيترن ئي مسلمان ورڪرن جي باري ۾ شڪ ڏيکاريو ويو آهي ته انهن پاڪستان ۽ افغانستان جي دهشتگرد ڪيمپن ۾ سکيا حاصل ڪئي آهي.

معطل ٿيل ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته کين بلاجواز نشانو بڻايو ويو آهي. اتان جي ليبر يونين مذڪوره معطلين جو نوٽيس ورتو آهي.

ذريعا