فشر فوڪ جي 12 نومبر واري احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار احمد کهڙو ٻين ايم پي ايز سان گڏ ابراهيم حيدري ويجهو سامونڊي ٻيٽ ڀنڊاڙ جو دورو ڪيو. ساڻس ايم پي اي شازيه عطا مري، فرحين مغل، مهرين ڀٽو، شميم آرا پنهور ۽ ٻيا ايم پي ايز شامل هئا.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته سنڌ حڪومت وفاق جي گڏي آهي، جيڪا سدائين اشارن تي نچندي رهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو هوءَ پنهنجي وسيلن تان هٿ کڻي پنهنجي ساک پچائي رهي آهي. هنن ٻڌايو ته اسان ٻيٽن جي وڪري جي خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ پيش ڪئي آهي.

ان تي منظوريءَ بعد 13 نومبر تي بحث ٿيندو. مخالف ڌر جي اڳواڻ ان موقعي تي اعلان ڪيو ته 12 نومبر تي فشر فوڪ فورم جي احتجاجي جلسي ۽ ميلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪري اهو ثابت ڪنداسين ته ماهيگير ننڌڻڪا ناهن. سندن حقن لاءِ هر قرباني ڏني ويندي.