فشر فوڪ فورم ڊي ايڇ اي کي رد ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

فشر فوڪ فورم ڊي ايڇ اي کي رد ڪري ڇڏيو آهي... زبير زرار منگي ..

فشر فوڪ فورم ۽ ٻين سماجي تنظيمن ڊي ايڇ اي پاران گِذري جي ماهيگيرن خلاف مڙهيل پابندين کي رد ڪندي 31 آڪٽوبر تي احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي. ڊي ايڇ اي ڪراچي پاران گذري جي ماهيگيرن تي سمنڊ ڪناري ٻيڙيون بيهارڻ ۽ مڇي مارڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي. اهڙي پابندي خلاف فشر فوڪ فورم سميت مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن محمد علي شاهه، شرافت علي، الهه بخش بلوچ، فاروق احمد ۽ نائلا اهڙي فيصلي خلاف 31 آڪٽوبر تي ڊي ايڇ اي آفيس آڏو احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو. اڳواڻن چيو ته ڊي ايڇ اي پاران ماهيگيرن کي روزگار کان محروم ڪرڻ واريون ڪارروايون بند نه ڪيون ويون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.