فلسطيني علائقي غزه مان ٻه ريڊ ڪراس جا عملدار اغوا ٿي ويا، ٻنهي جو تعلق اٽلي سان

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

فلسطيني علائقي غزه جي شهر خان يونس ڀرسان ٻه ريڊ ڪراس جا اهلڪار اغوا ٿي ويا آهن. ٻنهي مغوين جو تعلق اٽلي سان ٻڌايو ويو آهي.

ذريعن موجب جڏهن اهي پنهنجي گاڏي ۾ وڃي رهيا هئا ته نامعلوم هٿياربند مقامي وقت مطابق ساڍي ٽين بجي کين روڪي اغوا ڪري ويا.

مذڪوره مغوي فلسطين جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. چيو ويو آهي ته اهڙو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبوليت جوڳو نه آهي اهو عمل جنهن به ڪيو آهي مڃيل اصولن مطابق انهن عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

ذريعا