فلسطيني وزيراعظم اولهه طرفان بند ڪيل امداد بحال ڪرائڻ لاءِ استعفا تي راضي ٿي ويو

وڪي اخبار کان

11 نومبر 2006

فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هنيه اولهه جي ملڪن طرفان بند ڪيل امداد بحال ڪرائڻ لاءِ استعفا ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي. اها امداد حماس جي حڪومت اچڻ کان پوءِ بند ڪئي وئي هئي.

فلسطين جي صدر طرفان اهڙي آڇ محمود عباس سان ٿيل ملاقات کان پوءِ ظاهر ٿي آهي. فلسطيني وزيراعظم چيو ته منهنجي ذات مان جيڪڏهن فلسطين لاءِ ڪا رڪاوٽ آهي ته مان استعفا لاءِ تيار آهيان.

ياد رهي ته اولهه جا ملڪ حماس کي هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏيندا رهيا آهن ۽ اليڪشن ۾ حماس جي ڪاميابي کان پوءِ انهن چيو هو ته اها حڪومت اسرائيل کي تسليم ڪري، دهشتگردي جي مذمت ڪري ۽ معاهدن کي تسليم ڪري ٻي صورت ۾ امداد بند ڪئي ويندي.

ذريعا