فلسطين ۾ حماس ۽ الفتح وچ ۾ ٻيهر جهڙپون، سيڪيورٽي فورسز جا ٻه اهلڪار مارجي ويا

وڪي اخبار کان

18 ڊسمبر 2006

فلسطين ۾ حماس ۽ الفتح وچ ۾ ٻيهر جهڙپون ٿيون آهن جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا ٻه اهلڪار مارجي ويا آهن. ياد رهي ته اهي واقعا عارضي صلح بعد پيش آيا آهن.

ٻئي طرف اهي پڻ اطلاع آهن ته الشفاء اسپتال ڀرسان جهڙپ دوران حماس جو هڪ ڪارڪن مارجي ويو جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فلسطيني صدر ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ٻي ڌر ان اعلان کي رد ڪري چڪي آهي. چونڊن جي اعلان بعد حالتون تشويشناڪ ٻڌايون ويون آهن.

ذريعا