فلپائني فوج ۽ ويڙهاڪن ۾ جهڙپون، 5 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

فلپائني فوج جي ترجمان دعوا ڪئي آهي ته انهن هڪ جهڙپ دوران 5 ويڙهاڪن کي ماري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.

ترجمان وڌيڪ چيو ته اها جهڙپ فلپائن جي جزيري نيگروس ۾ ٿي، جتي فوج ۽ نيو پيپلز آرمي جي ويڙهاڪن وچ ۾ هڪ جهڙپ ٿي جنهن ۾ 5 ويڙهاڪ مارجي ويا. ترجمان جو چوڻ هو ته فلپائني فوج کي ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي. سندس دعوا موجب 5 ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ بعد ٻيا ويڙهاڪ موقعي تان فرار ٿي ويا.

ذريعا

جيو نيوز اردو سيڪشن