فيصل آباد جي عدالت ٻن عيسائين کي قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، 25 هزار ڏنڊ

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

فيصل آباد جي عدالت ٻن عيسائين کي قرآن پاڪ شهيد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 15 سال قيد ۽ 25 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.

ذريعن موجب انهن ٻنهي عيسائين کي ملتان جي نشاط آباد جي علائقي مان 8 سيپٽمبر 2006ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ڪورٽ 295 بي تحت کين سزا ڏني آهي.

ٻنهي عيسائين جيمز مسيح ۽ بوٽا مسيح تي الزام هو ته انهن قرآن پاڪ کي ساڙي شهيد ڪيو هو.

ذريعا