قائم علي شاهه صدر آصف سان ڳالهائيندو

وڪي اخبار کان

پ پ جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿي رهيو آهي: قائم علي شاه.... رپورٽ: زبير زرار منگي

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ اڄ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ پارٽي جي مجموعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. جماعت اسلامي جي اڳواڻ پروفيسر غفور سان سندس گهرواري جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته غير جمهوري دور ۾ 73ع جي آئين ۾ غير آئيني ترميمون ڪري آئين جي اصل روح کي بگاڙيو ويو. هن چيو ته 73 جو آئين پيپلز پارٽي طرفان عوام لاءِ وڏو تحفو آهي، جنهن کي هر صورت ۾ بحال ڪيو ويندو. قائم علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي ۽ ڪڻڪ جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٺوس اپاءَ ورتا پيا وڃن. پروفيسر غفور چيو ته هو 73ع جي آئين کي ٺاهڻ واري ڪميٽي جو ميمبر هو ۽ آئين کي هر صورت ۾ بحال ڪيو وڃي.