قادرپور ۽ جوهي ۾ پورهيتن جا احتجاجي مظاهرا

وڪي اخبار کان

قادرپور گيس فيلڊ جي نجڪاري ۽ جوهي ۾ تيل ڪمپنين خلاف پورهيتن جا احتجاجي مظاهرا....رپورٽ: زبير زرار منگي

جوهيءَ ۾ مقامي ڳوٺاڻن تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيوويو، جڏهن ته قادر پور گيس فيلڊ کي خانگائڻ خلاف اسلام آباد ۽ قادرپور گيس فيلڊ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. قادر پور گيس فيلڊ کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف پورهيتن اسلام آباد ۽ قادرپور گيس فيلڊ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا، پورهيت اڳواڻن حڪومت کان مزدور دشمن پاليسيون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان ورڪرس فيڊريشن طرفان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي، واپڊا، سي ڊي اي ۽ پي ٽي سي ايل ۽ ٻين پورهيت يونينز جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته صنعتي ايڪٽ 2008، مهانگائي، لوڊشيڊنگ، بيروزگاري ۽ ادارن کي خانگائڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت کي گهرجي ته پورهيت دشمن پاليسيون ختم ڪري ليبر قانون تي عمل ڪرائي. هنن مطالبو ڪيو ته ادارن کي خانگائڻ بدران ڪميٽي ٺاهي پورهيتن جا مسئلا حل ڪيا وڃن. گهوٽڪي جي علائقي قادرپور گئس فيلڊ آڏو پورهيتن گئس فيلڊ کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف بک هڙتال ڪئي. او جي ڊي سي ايمپلائيز يونين مزدور اتحاد جي مرڪزي صدر چوڌري اڪرم نور خان ناريجو، زاهد ڀٽو ۽ ٻين ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته جنهن فيلڊ جو افتتاح شهيد بينظير ڀٽو ڪيو، ان کي پ پ حڪومت پاران خانگائڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي. احتجاج ڪندڙن چيو ته هو آخري دم تائين قادر پور گئس فيلڊ جي نجڪاري خلاف احتجاج جاري رکندا. ٻئي طرف جوهيءَ ۾ مقامي ڳوٺاڻن تيل ۽ گيس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪمپني جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو . احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا ۽ هو گئس ڪمپني خلاف نعريبازي ڪري رهيا هئا. احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن غازي پنهور، الهداد ۽ ٻين چيو ته ڪمپنيءَ جي انتظاميا ساڻن لکت ۾ طئي ڪيو هو ته کين سرڪاري اگهه موجب زمين جي ليز ڏني ويندي جنهن جي لکت هر سال نئين سر ٿيندي.

هنن چيو ته ڪمپني پنهنجي  ٺاهه تان ڦري وئي آهي ۽ هر سال نئين لکت نه پئي ڏني وڃي جڏهن ته ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڪندڙن ۾ به مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.

ڳوٺاڻن چيو ته 1998 ۾ ڪمپني ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ 25 هزار رپيا في ايڪڙ جي حساب سان ليز طئي ٿيل هئي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي شين جي اگهه ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ سندن ليز کي 50 هزار رپيا في ايڪڙ ساليانو ڪيو وڃي ۽ مقامي ماڻهن کي اوليت جي بنياد تي ڪمپنيءَ ۾ ملازمتون ڏنيون وڃن. ڪمپنيءَ جي مينيجر مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي چيو ته 17 ڳوٺاڻن کي فوري طور ڪمپنيءَ ۾ ملازمت ڏني ويندي ۽ سندن ٻين مطالبن کي هو اعليٰ اختيارين تائين پهچائيندو.