قبائلي علائقن ۾ سڪيورٽي جي تازي صورتحال

وڪي اخبار کان

سوات ۽ مٽا جي علائقن جي تازي صورتحال.. رپورٽ: زبير زرار منگي..

 سوات جي تعلقي ڪبل ۽ مٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران اڻ اعلانيل مدي تائين لاڳو ڪيل ڪرفيو  کان پوءِ ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن دوران گهرن تي گولا ڪرڻ سبب هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا  آهن.

ذريعن مطابق سوات جي تعلقي ڪبل ۽ مٽا جي علائقن، سَرسنَيئِي، توتانو بانڊَئِي، ڪوٽ لَئي، هزارا، علي گراما،وانٽِي چيڪ پوسٽ ۽ بريم پل جي علائقن ۾ اڻ اعلانيل ڪرفيو کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي ڪئي . سرسنيئي، تانشڪئي ۽ توتانوبانڊئي ۾ گهرن تي گولا ڪرڻ سبب هڪ معصوم ٻارڙي ۽ عورت سميت 4 مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن مينگورا جي ٻهراڙي واري علائقي اَوڊِي گرام ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن سيڪنڊري گرلس اسڪول کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو آهي.