قبائلي علائقي ميران شاه ۾ هڪ همراه آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ قتل

وڪي اخبار کان

4 نومبر 2006

پاڪستان جي قبائلي علائقي ميران شاه ڀرسان هڪ همراه پنجاه سالا مولوي صلاح الدين جو لاش هٿ آيو آهي جنهن جي ڀرسان لکيل هڪ نوٽ مليو ته آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندڙن جو اهو حشر ڪيو ويندو جيڪو هن جو ڪيو ويو آهي.

خبرن مطابق ڏکڻ وزيرستان ۾ هڪ جرڳي ذريعي قبائلين لاءِ نوان قانون پڌرا ڪيا ويا آهن. جنهن مطابق جيڪو به آمريڪا لاءِ جاسوسي ڪندو ان کي خبردار ڪيو ويندو جيڪڏهن نه مڙيو ته کيس موت جي سزا ڏني ويندي.

ذريعا