قطر پاڪستان ۽ ايران وٽان مڇي گهرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي، مڇيون صحت بخش نه آهن

وڪي اخبار کان

قطر پاڪستان ۽ ايران کان مڇيون گهرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي، چيو ويو آهي ته انهن مڇين ۾ صحت جي حوالي سان گندگي آهي ۽ اهي مڇيون صحت بخش نه آهن.

قطر جي ميونسپل معاملن ۽ زراعت واري وزارت پاڪستان ۽ ايران مان هر قسم جي مڇين جي گهرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. قطر ۾ ماڻهن کي صلاح ڏني وئي آهي ته مقامي شيون واپرايون وڃن.

قطر جي وزارت مڇين جا نمونا ٽيسٽن لاءِ ليباريٽري روانا ڪيا آهن ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته اهي کائڻ لائق آهن يا نه.

ذريعا