قمبراڻي مارفاڻي جهيڙي ۾ ٺاپر نه آئي، 2 ڄڻا قتل

وڪي اخبار کان

Cautionهي خبر تڪراري ان ڪري آهي ڇاڪاڻ ته ان جا حوالا نه آهن تنهنڪري ان جي سچ هجڻ تي شڪ ڪري سگهجي ٿو. حوالا ڏئي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


6 نومبر 2006

شڪارپور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ اڄ صبح قمبراڻي ۽ مارفاڻي قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه آئي هڪ ٻئي جي ڳوٺن تي حملا قمبراڻي ڌر جا 2 ڄڻا قتل 3 زخمي.

شڪار پور لڳ همايون ٿاڻي جي حد ۾ قمبراڻي ۽ مارفاڻي برداري جي هڪ سال کان جاري قبائلي جهيڙي ۾ ٺاپر نه اچي سگهي اڄ صبح مارفاڻي برادري جي هٿياربندن قمبراڻين جي ڳوٺ تي حملو ڪري 2 ڄڻن محمد ايوب ولد محمد سچل بکراڻي ۽ عبدالحئي عرف لالائي بکراڻي کي شديد فائرنگ ڪري قتل ۽ ٽن ڄڻن کي سخت زخمي ڪري وڌو.

واضح رهي ته هڪ سال اڳ پاڻي جي مسئلي تان قمبراڻي برادري پاران مشهور پاٿاريدار طوطو مارفاڻي کي قتل ڪرڻ کان بعد شروع ٿيل قمبراڻي ، مارفاڻي جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين جا هن مهل تائين 40 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن. جڏهن ته ضلعي ۽ صوبائي حڪومت توڙي پوليس انتظاميا قمبراڻي، مارفاڻي جهيڙي کي روڪڻ ۾ مڪمل ٿي ناڪام ٿي چڪي آهن.