قومي اسيمبلي ۾ پوپ جي اسلام خلاف ڏنل بيان جي مخالفت ۾ قرارداد منظور، پوپ کي معافي وٺڻ گهرجي

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي قومي اسيمبلي متفقه طور پوپ بينڊڪٽ جي جهاد بابت ڏنل بيان جي مخالفت ۾ قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پوپ کي سڀني مذهبن ۾ ڀائيچارو قائم رکڻ لاءِ پنهنجي ڏنل بيان تي معافي وٺڻ گهرجي.

پوپ بينڊڪٽ جي بيان تي مسلمان حلقن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آهي، ياد رهي ته پوپ بينڊڪٽ پنهنجي بيان ۾ هڪ عيسائي شهنشاهه جا لفظ استعمال ڪندي چيو هو ته اسلام جو پيغمبر تشدد پسند هو جڏهن ته اسلام کي تلوار جي زور تي ڦهلايو ويو. پوپ مذڪوره جملا رگنسبرگ يونيورسٽي ۾ خطاب دوران استعمال ڪيا هئا.

جيتوڻيڪ ڪليسا طرفان پنهنجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ جو مقصد مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، بلڪه هو ته سڀني مذهبن وچ ۾ مفاهمت جو قائل آهي. جڏهن ته ٻئي طرف پوري دنيا جي مسلمانن طرفان شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته پوپ کي اهڙي بيان ڏيڻ تي فوري طور معافي وٺڻ گهرجي.

ذريعا