قومي ڪارڪنن جي پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگي هڪ سازش آهي، سڄاڻ ڌريون

وڪي اخبار کان

10 ڊسمبر 2006

سنڌ ۽ بلوچستان سان لاڳاپيل قومي ڪارڪنن جي پاڪستان جي خفيه ايجنسين هٿان گمشدگيءَ کي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين هڪ سازش قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ مظاهري کي خطاب ڪندي سنڌ جي جهوني دانشور محمد ابراهيم جويو چيو آهي ته موجوده حڪمرانن سنڌ کي يرغمال بڻائي ورتو آهي.

ان مظاهري ۾ مختلف اين جي اوز کان علاوه ايمنسٽي انٽرنيشنل ۽ مختلف سياسي ڌرين جي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ويو ته رياستي دهشتگردي پنهنجون حدون پار ڪري وئي آهي ان خلاف سخت احتجاج جي ضرورت آهي. مظاهري ۾ عورتن جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.

ذريعا