قومپرستن سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڪجهه به ناهي ڏنو: رئوف صديقي

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


سياحت ۽ ثقافت واري وزير رئوف صديقي چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ انتقامي ڪاررواين ۾ ملوث ناهي. سنڌي وسندين کي ٽارگيٽ نٿو بڻايو وڃي. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ڀائر آهن، قوم پرستن سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ڇا ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير رئوف صديقي ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ رئيس گل ڀيو ۾ جلسي کي خطاب دوران ڪيو.

هن چيو ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو مستقبل ڪنهن جي به جهولي ۾ نه رکنداسين، جاگيرداري نظام ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن چيو ته جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان جي خلاف به ڪارروائي نٿا ڪيون پوءِ سنڌي وسنديون ڇو ڊاهينداسين. متحده انتقامي ڪاررواين ۾ يقين نٿي رکي ڪوڙا دلاسا ڏيندڙ ۽ سبز باغ ڏيکاريندڙ، ڌاڙيل ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي فروغ ڏيندڙن ۽ ڪوڙا ڏٽا ڏيندڙ قوم پرستن، وڏيرن ۽ جاگيردارن کان هاڻ جان ڇڏائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

هن چيو ته وزيرن مشير، وزيراعليٰ، وزيراعظم رهندڙ هتان جا سياستدان مذڪوره هڪ هڪ ڳوٺ سنوارين ها ته اڄ سنڌ جو هي حشر نه هجي ها. هن چيو ته قوم پرستن تقدير نه بدلائي پر هنن استادن کي يرغمال بڻايو، ڪاپي ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي هٿي ڏني. ان موقعي تي رئيس گل خان ڀيو، سبهان علي نصيراڻي، رئيس صدام ڀيو، ميان عبدالحفيظ، غلام جيلاني منگي، رياض ڀيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.