قوم پرست پارٽين طرفان ٻيٽن جي نيلامي خلاف جدوجهد جي حمايت

وڪي اخبار کان

Cautionهي خبر تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته خبر جا ذريعا يا حوالا نه ڏنا ويا آهن.


وفاق پاران سامونڊي ٻيٽن جي نيلامي ۽ ٻيٽن مٿان جديد شهر اڏڻ خلاف فشر فوڪ فورم جي اعلانيل جدوجهد جو سنڌ جي قوم پرست ڌرين طرفان ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. قومپرست پارٽين ستپ، جسقم، عوامي تحريڪ، ايس اين پي، فرنٽ جي اڳواڻن علي حسن چانڊيو، ذوالفقار ڪولاچي، نور نبي راهوجو، حبيب راڄپر ۽ لطيف راولاڻي ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سامونڊي پٽي جا سمورا ٻيٽ سنڌ ۽ ماهيگيرن جي ملڪيت آهن ۽ انهن کي وڪرو ڪرڻ وارو عمل وفاق کي مهانگو پوندو.

اسان ڪنهن به صورت ۾ ٻيٽ نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه وري ترقي جي نالي تي عياشين جي اڏن جي سخت مخالفت ڪنداسين. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين علي حسن چانڊيو چيو ته ٻيٽن جي نيلامي سان لکين ماهيگيرن جي روزگار جو ذريعو بند ٿي ويندو. جنهن سان ماهيگير بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويندا. هن چيو ته فشر فوڪ فورم جي اعلانيل جدوجهد جي ڀرپور حمايت ڪنداسين ۽ ٻيٽن کي ڪنهن به صورت ۾ نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين.