لائن آف ڪنٽرول وٽان البدر جا ٽي ويڙهاڪ گرفتار

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

لائن آف ڪنٽرول ڀرسان ضلعي بارامولا ڪشمير مان البدر جا ٽي ويڙهاڪ گرفتار ڪيا ويا آهن.

مذڪوره گرفتاري صبح 6.15 منٽن تي ٿي جڏهن مذڪوره ويڙهاڪ لائن آف ڪنٽرول وٽان سرحد پار ڪري رهيا هئا.

چيو ويو آهي ته انهن وٽان هڪ پسٽل، هڪ ميگزين ۽ ڏه رائونڊ هٿ ڪيا ويا آهن. انهن جي شناخت بشير احمد، عبدالرشيد ۽ عاشق اقبال جي نالن سان ٻڌائي وئي آهي.

ذريعا